Elon Musk remains the world's richest person by a wide margin, with a fortune of $908.2 billion, according to Forbes' Real-Time Billionaires list. His nearest rival, Google co-founder Larry Page, trails by more than $630 billion, while Michael Dell has climbed into fourth place.
پاکستان، سعودی عرب اور ترکیہ سمیت 8 اسلامی ممالک کی اسرائیلی وزراء کی جانب سے غزہ پٹی سے فلسطینیوں کی جبری بےدخلی سے متعلق بیانات کی شدید مذمت؛ بین الاقوامی قوانین کی خلاف ورزی اور خطہ میں امن و استحکام کی بین الاقوامی کوششوں کیلئے سنگین خطرہ قرار دے دیا۔
Pakistan joined Egypt, Indonesia, Jordan, Qatar, Saudi Arabia, Türkiye, and the UAE in condemning remarks by Israeli ministers Ben-Gvir and Katz on displacing Palestinians from Gaza, calling the proposals a violation of international law and a threat to Trump's plan to end the Gaza conflict.
نظام کو ری سیٹ کرنا ضروری ہے، موجودہ انتظامی ڈھانچہ اپنی افادیت کھو چکا۔ عوامی حمایت سے انتظامی یونٹس ضرور بنیں گے، کسی کو جذباتی ہونے کی ضرورت نہیں۔ اسلام آباد الگ صوبہ بننا چاہیے۔ میں نوکری پر رہوں یا نہیں، لیکن پیچھے نہیں ہٹوں گا۔ وزیرِ داخلہ محسن نقوی
The US Mint put a $1 coin bearing President Trump's image into circulation on September 2, making him only the second sitting US president in history to appear on American currency. The coins reportedly sold out within hours of going on sale.
Liaquat Thaheem is The Thursday Times' Sindhi-language correspondent.
توهان مان ڪيئي زالن مردن، پولش صحافي ريشارڊ ڪاپوشينسڪي کي پڙهيو هوندو۔ وڏي ڌاڪي وارو ليکڪ هو۔ ڪاپوشينسڪي انهن وقتن ۾ آفريڪا ۽ ايشيا مان پولش نيوز ايجنسي لاءِ رپورٽنگ ڪندو هو جڏهن خوني گھرو لڙاين ۽ گوريلا انقلابن انهن کنڊن کي زير زبر ڪري رکيوهو۔ جيئن ايٿوپيا ۾ شهنشاھ هيل سلاسي جو تختو اونڌو ٿيڻ يا وري ڪانگو ۾ پيٽرس لُممبا جي انقلابي تحريڪ يا ايران ۾ رضا شاھ خلاف عوامي انقلاب۔ سندس ڪتابن وڏي وھ وا ڪرائي آهي۔
وٽس يورپ جي ٻين نيوز رپورٽرن جي نسبت تمام ٿورڙا پيسا هوندا هئا ۽ پنهنجا ڊسپيچ موڪلڻ جو سامان به نه هوندو هو، سندس ڀيٽ ۾ آفريڪا مان رپورٽنگ ڪندڙ بي بي سي ۽ اي ايف پي جا نمائندا ٽرانسليٽر رکندا هئا، وٽن طاقتور ريڊيو ٽرانسميٽر هوندا هئا، فائيو اسٽار هوٽلن ۾ رهندا هئا ۽ پنهنجين فور ويل گاڏين ۾ چڙهي جتي ڪٿي پهچي ويندا هئا۔ پر هن پولش صحافي کي توهان ڪا شڪايت ڪندي نه پڙهندئو۔ پئسا ڏوڪڙ ۽ سامان نه هجڻ سبب هو ڌڪي اسٽارٽ لوڪل ٽرانسپورٽ ۾ ٻين آفريڪي مسافرن سان سفر ڪندو هو جن تي هر وقت هٿياربند حملي، ڦر يا ڌاڙي جو خطرو رهندو هو ۽ ساڻس ائين ٿيو به سهي۔ جيستائين ڊسپيچ ٺهي تيستائين انٽرويو وٺندو ۽ اسٽوريون ٺاهيندو رهندو هو۔ اهڙي ريت هو سياسي بحرانن ۽ گھريلو جنگين جي اهڙن پهلوئن کي به رپورٽ ڪندو هو جيڪي ڪنهن به عالمي نشرياتي اداري ۾ رپورٽ نه ٿيندا هئا۔ تصور ڪريو ته اسان ماڻهو ههڙي حال ڇا ڪندا آهيون؟ اسان وٽ جيڪڏهن ڊيوٽي واري هنڌ پئسو ڏوڪڙ يا گھربل سامان گھٽ هوندو ته سمورو ڏينهن گلا ۽ پرائي پچار جا پوتڙا وڇائي ويهنداسين ۽ شام جو ڀَريون ٻڌي گھر ڀڄنداسين۔
دنيا ۾ توهان کي عام انساني پورهئي جو هڪ پيٽرن نظر ايندو۔ ماڻهن اڻ هوند ۾ به، سالن تائين سادي مان سادا ڪم ڪيا آهن ۽ انهن مان بيزار ناهن ٿيا۔ دنيا ۾ سڌريل قومن کي عظيم ڪمن نه پر رُوٽين جي ڪمن اوج تي آندو آهي۔ سهولتون ڀلي گھٽ هجن پر کُٽل سامان کي ڀلو هلائڻ لاءِ به صبر ۽ لڳاو گھرجي۔
مسئلو ٿورو گھڻو سياسي آهي (پر رڳو سياسي به ناهي) جو هن ملڪ ۾ جاري قومي متڀيد ۽ ننڍين قومن کي هر معاملي ۾ ڪڍي ٻاهر ڪرڻ جي سوچ، مجموعي طور اسانجي سماج ۾ بددلي، بدظني ۽ ڊيوٽي کان بيزاري پيدا ڪئي آهي۔ ٻيو مسئلو قديم قومي عادتن جو به آهي۔ اسانجن اڳوڻن سياسي حڪيمن ۽ عالمن وڏا حيلا هلايا پر اها بيماري بُت مان نڪري نٿي۔ سو اسان هاڻ اهڙي قوم آهيون جنهن جا اسڪول ڦِٽل پر ماستر سُکيا ستابا آهن، سائنس جو ڪو نالو نشان ناهي پر سائنس ليڪچرارن ۽ پروفيسرن جا ڏوئي ڍڪڻ گيھ ۾ آهن، راڳ جو ڪم خلاص ٿي ويو پر فنڪار زميندار ٿي ويا آهن، سنڌ جون يونيورسٽيون پوئتي پوڻ ۾ آفريڪا جي يونيورسٽين کان به اڳتي نڪري ويون آهن پر استادن ۾ نئين کان نئين ماڊل جون ڪارون وٺڻ جي ريس لڳل آهي، سنڌي ٻولي ۾ مضمون لکڻ تي چانهن جي ڪوپ جيترا پيسا به ڪونه ملن پر ٻولي تي انٽرنيشنل ڪانفرنسون کُٽن ڪونه ٿيون۔ ٻئي پاسي، جديد سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ماسترن ٻين ماسترن کي، ڪلارڪن ٻين ڪلارڪن کي، سپاهين ٻين سپاهين کي ملازم ڪري رکيو آهي۔ هي هڪ قسم جو ڳوٺاڻو پبلڪ سروس ڪميشن آهي جنهن جي ڪارڪردگي مان قوم مطمئن آهي۔ سنڌ جون ٻهراڙيون اهڙي بيَ ڪميَ سوشل ڪلاس سان ڪنين تار ڀرجي ويون آهن جيڪو هر چڱي اسڪيم کي پنهنجي نااهل سطح تي وٺي اچي ٿو۔ تنهنڪري سنڌي سماج ۾ جيڪو به وجھو، جيڪا به سيڙپ ڪريو سا بيهي ئي ڪانه ٿي جو معاشري جو ترو نڪري ويو آهي۔
مان لاڙڪاڻي جي هڪ وڏي پبلڪ لائبريري جي هڪ ريسورس سينٽر ۾ ملازم آهيان۔ هتي تقريبن ٽي چار هزار ڇوڪرا پڙهڻ ايندا آهن۔ اهي ميرو خان، ڏوڪري، باڊھ، ميهڙ، باقراڻي، قنبر ۽ ٻين ڪيترن ئي ننڍن شهرن مان اچن ٿا ڇاڪاڻ ته اتان جي ڪاليجن ۾ليڪچرار نٿا اچن يا جيڪو پڙهائين سو ڪنهن ڪم جو ڪونهي۔ اهي ڇوڪرا لاڙڪاڻي جي سينٽرن ۾ پڙهن ٿا، مائٽن وٽ يا هاسٽلن ۾ پيسا ڏئي رهن ٿا ۽ هڪ عجيب اونداهي زندگي گذارن ٿاْ۔ امتحانن ۾ هنن جو به ڪم ٿي وڃي ٿو ۽ ليڪچرارن ۽ ماسترن جي به ڪير پچر نٿو ڪري۔ هنن ڇوڪرن کي جڏهن ڏسندو آهيان ته سوچيندو آهيان ته هي قوم ڪيڏانهن وڃي؟ ٻهراڙيون ڊائنوسار دور ۾ رهن، ملڪ جون ٻيون قومون اسان کي ڀانئن ڪونه، اسان هڪٻئي سان ٺهون ڪونه ۽ سرڪاري دفترن ۾ ڪرسين تي ’علوءَ جو عيال‘ ويٺل آهي۔
نواز شریف کو ایوانِ اقتدار سے بے دخل کرنے میں اس وقت کی اسٹیبلشمنٹ بھرپور طریقے سے شامل تھی۔ تاریخی شواہد منصہ شہود پر ہیں کہ عمران خان کو برسرِ اقتدار لانے کے لیے جنرل باجوہ اور جنرل فیض حمید نے اہم کردارادا کیا۔
آستین میں بت چھپائے ان صاحب کو قوم کے حقیقی منتخب نمائندوں نے ان کا زہر نکال کر آئینی طریقے سے حکومت سے نو دو گیارہ کیا تو یہ قوم اور اداروں کی آستین کا سانپ بن گئے اور آٹھ آٹھ آنسو روتے ہوئے ہر کسی پر تین حرف بھیجنے لگے۔