spot_img

Columns

Columns

News

Pakistan named among Trump’s ‘Board of Peace’, reshaping Gaza diplomacy

Pakistan has emerged as a founding member of President Donald Trump’s Board of Peace, a new diplomatic body unveiled at Davos to oversee Gaza’s post-war security, reconstruction and political transition.

گوادر کی ترقی میں اہم سنگِ میل، ’’پاتھ ویز ٹو پروگریسیو گوادر 2026‘‘ سیمینار و نمائش کا انعقاد

گوادر کو جدید اور عالمی معیار کا ساحلی شہر بنانے کیلئے اقدامات و منصوبوں سے متعلق ’’پاتھ ویز ٹو پروگریسیو گوادر 2026‘‘ سیمینار و نمائش کا انعقاد؛ گوادر کو جدید بندرگاہ اور عالمی تجارتی نظام سے جوڑنے کا سٹریٹیجک ذریعہ بنانے میں اہم سنگِ میل عبور

EU and India seal historic trade deal after two decades of talks

After two decades of stalled talks, the European Union and India have sealed a sweeping free trade agreement designed to cut tariffs, expand market access and reshape their strategic partnership.

Tirah evacuation exposed: KP government letter contradicts claims of military-led displacement

An official KP government letter has contradicted claims that the Tirah Valley evacuation was the result of a military operation, revealing it was a voluntary civilian-led decision agreed through jirgas and prompting questions over the handling of Rs 4 billion in relief funds.

No decision on Pakistan joining Gaza stabilisation force, parliament to decide, security sources

Pakistan has ruled out any move against Palestinian interests, rejected participation in any mission to disarm Hamas, and clarified that no decision has yet been taken on joining an international stabilisation force, according to a high-level security briefing.
Regionalنسلي متڀيد
spot_img

نسلي متڀيد

سوچيندو آهيان ته هي قوم ڪيڏانهن وڃي؟ ٻهراڙيون ڊائنوسار دور ۾ رهن، ملڪ جون ٻيون قومون اسان کي ڀانئن ڪونه، اسان هڪٻئي سان ٺهون ڪونه ۽ سرڪاري دفترن ۾ ڪرسين تي ’علوءَ جو عيال‘ ويٺل آهي۔

Liaquat Thaheem
Liaquat Thaheem
Liaquat Thaheem is The Thursday Times' Sindhi-language correspondent.
spot_img

توهان مان ڪيئي زالن مردن، پولش صحافي ريشارڊ ڪاپوشينسڪي کي پڙهيو هوندو۔ وڏي ڌاڪي وارو ليکڪ هو۔ ڪاپوشينسڪي انهن وقتن ۾ آفريڪا ۽ ايشيا مان پولش نيوز ايجنسي لاءِ رپورٽنگ ڪندو هو جڏهن خوني گھرو لڙاين ۽ گوريلا انقلابن انهن کنڊن کي زير زبر ڪري رکيوهو۔ جيئن ايٿوپيا ۾ شهنشاھ هيل سلاسي جو تختو اونڌو ٿيڻ يا وري ڪانگو ۾ پيٽرس لُممبا جي انقلابي تحريڪ يا ايران ۾ رضا شاھ خلاف عوامي انقلاب۔ سندس ڪتابن وڏي وھ وا ڪرائي آهي۔

وٽس يورپ جي ٻين نيوز رپورٽرن جي نسبت تمام ٿورڙا پيسا هوندا هئا ۽ پنهنجا ڊسپيچ موڪلڻ جو سامان به نه هوندو هو، سندس ڀيٽ ۾ آفريڪا مان رپورٽنگ ڪندڙ بي بي سي ۽ اي ايف پي جا نمائندا ٽرانسليٽر رکندا هئا، وٽن طاقتور ريڊيو ٽرانسميٽر هوندا هئا، فائيو اسٽار هوٽلن ۾ رهندا هئا ۽ پنهنجين فور ويل گاڏين ۾ چڙهي جتي ڪٿي پهچي ويندا هئا۔ پر هن  پولش صحافي کي توهان ڪا شڪايت ڪندي نه پڙهندئو۔ پئسا ڏوڪڙ ۽ سامان نه هجڻ سبب هو ڌڪي اسٽارٽ لوڪل ٽرانسپورٽ ۾ ٻين آفريڪي مسافرن سان سفر ڪندو هو جن تي هر وقت هٿياربند حملي، ڦر يا ڌاڙي جو خطرو رهندو هو ۽ ساڻس ائين ٿيو به سهي۔ جيستائين ڊسپيچ ٺهي تيستائين انٽرويو وٺندو ۽ اسٽوريون ٺاهيندو رهندو هو۔ اهڙي ريت هو سياسي بحرانن ۽ گھريلو جنگين جي اهڙن پهلوئن کي به رپورٽ ڪندو هو جيڪي ڪنهن به عالمي نشرياتي اداري ۾ رپورٽ نه ٿيندا هئا۔ تصور ڪريو ته اسان ماڻهو ههڙي حال ڇا ڪندا آهيون؟ اسان وٽ جيڪڏهن ڊيوٽي واري هنڌ پئسو ڏوڪڙ يا گھربل سامان گھٽ هوندو ته سمورو ڏينهن گلا ۽ پرائي پچار جا پوتڙا وڇائي ويهنداسين ۽ شام جو ڀَريون ٻڌي گھر ڀڄنداسين۔

 دنيا ۾ توهان کي عام انساني پورهئي جو هڪ پيٽرن نظر ايندو۔ ماڻهن اڻ هوند ۾ به، سالن تائين سادي مان سادا ڪم ڪيا آهن ۽ انهن مان بيزار ناهن ٿيا۔ دنيا ۾ سڌريل قومن کي عظيم ڪمن نه پر رُوٽين جي ڪمن اوج تي آندو آهي۔ سهولتون ڀلي گھٽ هجن پر کُٽل سامان کي ڀلو هلائڻ لاءِ به صبر ۽ لڳاو گھرجي۔

مسئلو ٿورو گھڻو سياسي آهي (پر رڳو سياسي به ناهي) جو هن ملڪ ۾ جاري قومي متڀيد ۽ ننڍين قومن کي هر معاملي ۾ ڪڍي ٻاهر ڪرڻ جي سوچ، مجموعي طور اسانجي سماج ۾ بددلي، بدظني ۽ ڊيوٽي کان بيزاري پيدا ڪئي آهي۔ ٻيو مسئلو قديم قومي عادتن جو به آهي۔ اسانجن اڳوڻن سياسي حڪيمن ۽ عالمن وڏا حيلا هلايا پر اها بيماري بُت مان نڪري نٿي۔ سو اسان هاڻ اهڙي قوم آهيون جنهن جا اسڪول ڦِٽل پر ماستر سُکيا ستابا آهن، سائنس جو ڪو نالو نشان ناهي پر سائنس ليڪچرارن ۽ پروفيسرن جا ڏوئي ڍڪڻ گيھ ۾ آهن، راڳ جو ڪم خلاص ٿي ويو پر فنڪار زميندار ٿي ويا آهن، سنڌ جون يونيورسٽيون پوئتي پوڻ ۾ آفريڪا جي يونيورسٽين کان به اڳتي نڪري ويون آهن پر استادن ۾ نئين کان نئين ماڊل جون ڪارون وٺڻ جي ريس لڳل آهي، سنڌي ٻولي ۾ مضمون لکڻ تي چانهن جي ڪوپ جيترا پيسا به ڪونه ملن  پر ٻولي تي انٽرنيشنل ڪانفرنسون کُٽن ڪونه ٿيون۔ ٻئي پاسي، جديد سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ماسترن ٻين ماسترن کي، ڪلارڪن ٻين ڪلارڪن کي، سپاهين ٻين سپاهين کي ملازم ڪري رکيو آهي۔ هي هڪ قسم جو ڳوٺاڻو پبلڪ سروس ڪميشن آهي جنهن جي ڪارڪردگي مان قوم مطمئن آهي۔ سنڌ جون ٻهراڙيون اهڙي بيَ ڪميَ سوشل ڪلاس سان ڪنين تار ڀرجي ويون آهن جيڪو هر چڱي اسڪيم کي پنهنجي نااهل سطح تي وٺي اچي ٿو۔ تنهنڪري سنڌي سماج ۾ جيڪو به وجھو، جيڪا به سيڙپ ڪريو سا بيهي ئي ڪانه ٿي جو معاشري جو ترو نڪري ويو آهي۔

مان لاڙڪاڻي جي هڪ وڏي پبلڪ لائبريري جي هڪ ريسورس سينٽر ۾ ملازم آهيان۔ هتي تقريبن ٽي چار هزار ڇوڪرا پڙهڻ ايندا آهن۔ اهي ميرو خان، ڏوڪري، باڊھ، ميهڙ، باقراڻي، قنبر ۽ ٻين ڪيترن ئي ننڍن شهرن مان اچن ٿا ڇاڪاڻ ته اتان جي ڪاليجن ۾ليڪچرار نٿا اچن يا جيڪو پڙهائين سو ڪنهن ڪم جو ڪونهي۔ اهي ڇوڪرا لاڙڪاڻي جي سينٽرن ۾ پڙهن ٿا، مائٽن وٽ يا هاسٽلن ۾ پيسا ڏئي رهن ٿا ۽ هڪ عجيب اونداهي زندگي گذارن ٿاْ۔ امتحانن ۾ هنن جو به ڪم ٿي وڃي ٿو ۽ ليڪچرارن ۽ ماسترن جي به ڪير پچر نٿو ڪري۔ هنن ڇوڪرن کي جڏهن ڏسندو آهيان ته سوچيندو آهيان ته هي قوم ڪيڏانهن وڃي؟ ٻهراڙيون ڊائنوسار دور ۾ رهن، ملڪ جون ٻيون قومون اسان کي ڀانئن ڪونه، اسان هڪٻئي سان ٺهون ڪونه ۽ سرڪاري دفترن ۾ ڪرسين تي ’علوءَ جو عيال‘  ويٺل آهي۔

LEAVE A COMMENT

Please enter your comment!
Please enter your name here
This site is protected by reCAPTCHA and the Google Privacy Policy and Terms of Service apply.

The reCAPTCHA verification period has expired. Please reload the page.

Read more

نواز شریف کو سی پیک بنانے کے جرم کی سزا دی گئی

نواز شریف کو ایوانِ اقتدار سے بے دخل کرنے میں اس وقت کی اسٹیبلشمنٹ بھرپور طریقے سے شامل تھی۔ تاریخی شواہد منصہ شہود پر ہیں کہ عمران خان کو برسرِ اقتدار لانے کے لیے جنرل باجوہ اور جنرل فیض حمید نے اہم کردارادا کیا۔

ثاقب نثار کے جرائم

Saqib Nisar, the former Chief Justice of Pakistan, is the "worst judge in Pakistan's history," writes Hammad Hassan.

عمران خان کا ایجنڈا

ہم یہ نہیں چاہتے کہ ملک میں افراتفری انتشار پھیلے مگر عمران خان تمام حدیں کراس کر رہے ہیں۔

لوٹ کے بدھو گھر کو آ رہے ہیں

آستین میں بت چھپائے ان صاحب کو قوم کے حقیقی منتخب نمائندوں نے ان کا زہر نکال کر آئینی طریقے سے حکومت سے نو دو گیارہ کیا تو یہ قوم اور اداروں کی آستین کا سانپ بن گئے اور آٹھ آٹھ آنسو روتے ہوئے ہر کسی پر تین حرف بھیجنے لگے۔

حسن نثار! جواب حاضر ہے

Hammad Hassan pens an open letter to Hassan Nisar, relaying his gripes with the controversial journalist.

#JusticeForWomen

In this essay, Reham Khan discusses the overbearing patriarchal systems which plague modern societies.
error: